مولانا محمد علي سنڌي

مولانا محمد علي سنڌي : شاعر ۽ بزرگ مولانا محمد علي سنڌيءَ بابت نواب سيد صديق حسن خان فارسي شاعرن جي تذڪره ’روز روشن‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته هن ابتدائي تعليم سنڌ مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ پشاور، لاهور ۽ دهليءَ ۾ علم حاصل ڪرڻ لاءِ سفر ڪندو رهيو. ان کانپوءِ پنجاب جي مشهور بزرگ خواجه محمد سليمان تونسويءَ جي بيعت ڪري تصوف جو خرقو ڍڪيائين. آخر مرشد جي حڪم موجب سنڌو نديءَ جي ڪناري تي پنجاب جي بستي مگڌ ۾ ظاهري ۽ باطني فيض ڏيڻ ۾ مشغول ٿيو. هو پرهيزگاريءَ ۾ ان حد تي پهتل هو، جو 36 سالن تائين عشاء جي وضوءَ سان فجر جي نماز ادا ڪئي هئائين. 27 ڊسمبر 1837ع تي مگڌ ۾ وفات ڪيائين. شاعريءَ ۾ غزلن جو هڪ’ديوان‘ يادگار ڇڏيو اٿس. ’مولوي‘ تخلص ڪم آڻيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو